امام علي ڏيٿو

امام علي ڏيٿو

امام علي ڏيٿو

امام علي ڏيٿو: صحافي، تعليمي ماهر ۽ سماجي ڪارڪن امام علي ولد استاد غلام نبي ڏيٿي جي پيدائش تعلقي سيوهڻ جي هڪ ننڍڙي ۽ تاريخي ڳوٺ ميان موٽڻ ۾ 8 مئي 1974ع تي ٿي. سندس تعليم ايم. اي سوشيالاجي (گورنمينٽ سچل ڪاليج حيدرآباد) آهي. ان کان علاوه پاڪستان انسسٽيٽيوٽ آف مئنيجمينٽ (PIM) ڪراچي ءَ مان پروجيڪٽ مئنيجمينٽ ۾ ڊپلوما، SZABIST ڪراچيءَ مان ايجوڪيشن ليڊرشپ اينڊ مئنيجمينٽ (ELM) ۾ ماسٽرس آف سائنس ( MS) جون ڊگريون حاصل ڪيون. 1999ع ۾ روزاني ’ڪاوش‘ ۾ اسٽاف رپورٽر مقرر ٿيو. 2004ع کان سماجي ترقيءَ واري شعبي ۾ رهندي، سنڌ جي مختلف اين جي اوز ۾ اهم عھدن تي ڪم ڪيو. هن وقت سنڌ حڪومت ۽ اينگرو ڪمپني جي سھڪار سان ٿرپارڪر ضلعي مان نڪرندڙ ڪوئلي ۽ ان مان ٺھندڙ بجلي واري رٿا ۾ڪم ڪري رهيو آهي. هن سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪئريئر ڪائونسلگ تي ڪيترائي ليڪچر ڏنا آهن. ان مقصد جي حاصلات لاءِ هو گذريل پنجن سالن کان تعليم جي موضوع تي ”ٽين اک“ جي نالي سان هڪ ماهوار رسالو پڻ ڪڍي رهيو آهي. شاگردن جي بھتر رهنمائيءَ لاءِ سندس هڪ ڪتاب ”ڪامياب ڪيريئر لاءِ تياري ڪيئن ڪجي“ ڇپجي چڪو آهي. ان کان علاوه تعليم، سائنس ۽ سماجيات بابت سندس ڪيترائي مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو